Tue. Jun 25th, 2024

ظاهري طور ٻارڙن جا ميرا پير، ڪپڙن کي لڳل داغ ۽ چتيون، وچڙين وارن جي چڳن جو چيڙھ ته هر ڪوئي ڏسي سگهي ٿو. نڪ جا ڦوڏر ۽ پگهر جي بوء به ڏسي ۽ سنگهي سگهي ٿو پر ان ميري سيري ٻار جي اندر لڪل صلاحيتون ڏسڻ لاء اها اک گهرجي جيڪا هر ڪنهن وٽ موجود ناهي.

پوء ڪيئن معصوم ٻارڙن کي تعليم جي نالي تي پوسٽ مارٽم لاء بي فڪريء سان لاش جيان اڻ ڄاڻن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي!

فڪر جي ڳالھه ته آهي…

ڪنهن به ملڪ جو مستقبل جاچڻو هجي ته ان ملڪ جي قوم جو ٻار جاچي ڏسو. سروي ڪري ڏسو ۽ تارن جي علم جي ڄاڻن وانگر قسمت جو حال ٻڌائي سگهو ٿا.

ملڪن جي ترقيء جو دارو مدار ايندڙ نسلن جي ذهني اوسر تي آهي

ڪا به پوکبي ته لڻبي ،جڏهن ٻج ڇٽيو ڪونهي ته ڦٽندو ڪيئن ؟

جي ڇٽيو به آهي ۽ ڦٽو ناهي ته ڪٿي زمين بنجر ته ناهي ! جي بنجر آهي ته هر ڏيڻ رهجي ته ناهي ويو ؟

جي هاريء جي ذھن ۾ ڪا به اهڙي سوچ نه آئي ته هو ڪنهن به قسم جو ٻج پوکي  اناج اپائي سگهندو نه ئي ڪو وڻ ڇانوري لاء  لڳائي سگهندو .

معصوم ٻارڙن جو مستقبل سنوارڻ لاء ملڪ جي ايندڙ روشن مسقبل لاء روشن خيال ذھن گڏجي ڪو منصوبو جوڙيون ته جيئن معصوم ذھنن جي اندر لڪل صلاحتون اجاگر ڪرڻ وارا فني ماهر پيدا ڪري، چمڪندڙ هيرن کي تراشي ڪوئلي مان ڪڍي ڪچ جي ڪاروبار کي بند ڪري هيرن سان دنيا کي چمڪايون.

فني ماهر پيدا ڪري معصوم ذھنن ۾ لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري فڪر ۽ سوال کي زبان ڏئي  سگهجي ٿي.

اچو ته گڏجي  ترقيء جو  طريقو ڳوليون .معصوم ذھنن کي فني مهارت کان محرومن جي تجربن ۾ مفلوج  هئڻ کان بچائي  سيراب ٿيون.

ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هر درس ڏيندڙ ماهر نفسيات نه آهي.

خواه اهو نجي ئي ڇو نه هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *