Tue. Jun 25th, 2024
Junaid Memon Editor Sindhi

اسان جي معاشري ۾ ٻار جي عمر 3.5 _ 4 سال ٿيو وڃي تـ والدين پنهنجي ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ سوچيندا آهن. اهي ٻار/والدين مختلف سماجي_معاشي طبقن سان تعلق رکندا آهن. پاڻ اهو ڄاڻون ٿا تـ والدين جا معاشي حالات هڪجھڙا ناهن هوندا. انڪري سڀ والدين پنهنجن ٻارن لاءِ هر سهولت مهيا ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن. ان باوجود ٻار کي اسڪول داخل ڪرائي پنهنجو فرض ادا ڪن. پر اهي والدين ٻار کي اسڪول داخل ڪرائڻ کي ئي رڳو اهميت ڏين. باقي سکيا لاءِ استاد تي ڇڏين تـ استاد ٻار کي پڙهائيندو.

پاڻ وٽ وچين يا هيٺيائين طبقي جو توجھ گھٽ يا بلڪل ناهي هوندو تـ سکيا لاءِ صحتمند دماغ ۽ جسم لازمي آهي. والدين لاءِ اهو ڪافي هوندو آهي تـ ٻار اسڪول ۾ پڙهي پيو. تحقيق اهو ٻڌائي پئي تـ ٻار جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني طرح صحتمند ناهي تـ سکيا بـ صحيح ڪونـ هوندي. اهڙي صورتحال ۾ استاد بـ ان ٻار تان توجھ هٽائيندو ويندو ۽ ان ٻار کي موڳو ۽ سست سکيا پرائيندڙ جو لقب ڏيندو. اهڙي رويي جي ڪري ٻار جي ڪارڪردگي خراب ٿيندي ويندي ۽ ٻار توقع مطابق امتحان پاس ڪونـ ڪري سگھندو. هوڏانهن والدين استاد کي قصور وار سمجھندو. اهڙو رويو اسڪول جي ڪارڪردگي کان علاوه سموري معاشري لاءِ بـ صحيح ناهي ڇو تـ ڪارڪردگي خراب هجڻ ڪري ٻار اسڪول ڇڏي ويندا ۽ اڻپڙهيل ٻارن جو تعداد وڌندو ويندو تـ ان جو اثر معاشيات تي پوندو.

جيئن اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون تـ هر ٻار جي ذهني صلاحيت هڪ جھڙي نـ هجڻ ڪري سکيا بـ هڪجھڙي ناهي هوندي. اسان جي اڪثر اسڪولن ۾ صحتمند جسم ۽ دماغ جي حوالي سان، رسمي تدريس کان اڳ، اهڙو ڪو شيدول ناهي جو ٻارن کي ان موضوع تي ڪجھ وقت سکيا ڏئي پوءِ پڙهائجي ۽ صحت جي موضوع تي روزانو ٻارن سان ويچار ڪجن تـ جيئن ٻار ان تي سنجيدگي سان عمل ڪن. جڏهن تـ ٻار جي داخلا کانپوءِ تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو آهي.

اهي ڪهڙا عوامل آهن جيڪي تدريس کان اڳ ۽ تدريس دوران ضروري آهن. موثر سکيا لاءِ صحتمند دماغ ۽ جسم ڇو ضروري آهي اچو تـ هڪ نظر وجھون.

پڙهڻ کان اڳ پڙهڻ جي تياري: جيڪڏهن ذهن پڙهڻ طرف مائل نـ هوندو تـ ٻار پڙهڻ ۾ دلچسپي بـ ڪونـ وٺندو. ان جي برعڪس ٻار پڙهڻ لاءِ تيار هوندو تـ ان جا سٺا نتيجا نڪرندا.

پاڻي ۽ صحتمند دماغ: صحتمند دماغ لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ تـ دماغ جو تر ٿيڻ موڊ، توانائي جي سطح ۽ صحيح سوچڻ جي صلاحيت کي وڌائي سگھي ٿو(آرمسٽرانگ، 2012). هڪ نارمل ماڻهو لاءِ تجويز ڪيل مقدار ۾ پاڻي پيئڻ صحتمند رهڻ لاءِ پڻ ضروري آهي.

ننڊ ۽ دماغي صحت: اڪثر محقق هاڻ ان تي متفق آهن تـ ننڊ ڊگھي عرصي تائين ياداشت جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ننڊ صحتمند جسم ۽ دماغ جي ضامن پڻ آهي. ننڊ جي ڪمي اسانجي صحيح سوچڻ جي صلاحيت کي گھٽائي ٿي. انکان علاوه طبعيت ۾ چڙچڙاهٽ، سکڻ جي صلاحيت ۽ ياداشت متاثر ٿيڻ، اي ڊِي ايڇ ڊِي جون علامتون، خراب مدافعتي نظام، دل جي   ڌڙڪن ۾ تيزي ۽ ٻيا گھڻائي مسئلا شامل آهن. ڊگھي عرصي تائين ننڊ ۾ گھٽتائي جي صورت ۾Alzheimer’s جو خطرو ٿي سگھي ٿو.

خوراڪ ۽ دماغي صحت: جيڪا خوراڪ اسين واپرائيندا آهيون اها سکيا کان وٺي ياداشت ۽ جذبات تائين دماغ جي هر حصي جي ڪم ڪرڻ تي اثر انداز ٿئي ٿي. تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا جسماني ۽ دماغي صحت لاءِ بيحد ضروري آهن. جڏهن تـ بيڪري جون شيون، گھٽ غذائيت واري خوراڪ ذهن ۽ جسم تي منفي اثر ڇڏين ٿيون. انکان علاوه صحيح وقت تي کاڌو نـ کائڻ ڪري سکيا ۽ ذهني صحت متاثر ٿئي ٿي.

ڪثرت ۽ سکيا: جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا تـ اسانجو جسم ۽ دماغ صحيح ۽ وڌ ۾ وڌ ڪم ڪري تـ اسانکي روزانو ورزش ڪرڻ گھرجي. ٻار اسڪول يا اسڪول کان ٻاهر راند روند ڪري چست رهندا آهن. جيڪي ٻار جسماني طرح چست هوندا آهن انهن جي پڙهائي ۾ ڪاڪردگي بـ بهتر هوندي آهي. جسماني ورزش وقت تي ڪم ڪرڻ، سکيا لاءِ آماده ڪرڻ، طبعيت تي مثبت اثر ڇڏڻ ۽ پڙهائي ۾ توجھ ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

آڪسيجن ۽ سکيا: جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا تـ اسانجو دماغ صحيح ڪم ڪري تـ دماغ ڏانهن صاف هوا ۽ رت جي رواني بيحد ضروري آهي جيڪو سکيا لاءِ اهم آهي.

مختصر اهو تـ موثر سکيا ۽ ياداشت لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ، پرسڪون ننڊ ڪرڻ، سٺي خوراڪ وٺڻ، ورزش ڪرڻ ضروري آهن. ان عمل سان ٻارن جي پڙهائي ۽ ڪاڪردگي بهتر رهندي.

By Junaid Memon

The writer is educationalist and Editor Sindhi to zeroperiod

One thought on “صحتمند دماغ ۽ جسم _ موثر سکيا”

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *