Tue. Jun 25th, 2024
Junaid Memon Editor Sindhi

اسان جي ادارن ۾ اڪثر ملازم پنھنجي مئنيجر جي ڪاڪردگي جانچڻ جي مخصوص زاويي ۽ رويي کان ناخوش نظر ايندا آھن. مئنيجر سمجھندو آھي تـ ھو جيڪو ڪري پيو صحيح ڪري پيو ۽ ملازمن کي ڏنل ھدايتن تي عمل ڪرڻ گھرجي.  

سٺو منهنجو، خراب تنهنجو. جيڪو مان سمجھان پيو، توھان نـ پيا سمجھو. جيڪو آنءُ چوان پيو، ائين ڪريو. توهان کي صحيح پڙهائڻ ئي نـ ٿو اچي. توهان صحيح پڙهايو تـ ٻار سمجھن نـ. ادارن ۾ گھڻن ئي ملازم پيشـ ماڻهن کي انتظاميـ طرفان اهڙا لقب ملندا هوندا. اهڙا لقب آساني سان ڏنا تـ ويندا آهن، پر انهن جو اثرگھِرو ۽ ديرپا هجڻ ڪري ملازم پنھنجي ڪم منجھان دلچسپي گھٽايو وڃن. نتيجي طور ڪارڪردگي پڻ متاثر ثيو وڃي. دلشڪستگي ايتري قدر وڌيووڃي جو حساس طبعيت رکندڙ ملازم  بيزاري جو اظھار ڪندي ٻيا رستا ڳولھڻ شروع ڪندا آھن، ان اميد سان تـ شايد ڪنھن ٻئي اداري ۾ صلاحيتن جو قدر ڪرڻ وارا ھجن. ڪجھ تـ وري ماٺ ڪري پنھنجو ڪم ڪن جيڪا مايوسي کي ظاھر ڪري ٿي. اھو پڻ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي تـ وقت تي پگھار ملي ڪافي آھي. انکان علاوه اڳتي وڌڻ جي ڪوشش پڻ ڇڏي ڏين جيڪا پڻ ھڪ غلط سوچ آھي. اھڙا بـ مثال ملن ٿا جو ملازم چوندو آھي تـ مونکي ڪنھن ٻئي اداري ۾ نوڪري ملي تـ جيئن جلدي ھتان ھليو وڃان. انجو مطلب ھو نوڪري ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آھي. ان عمل سان ادارو ترقي بـ نـ ڪندو ڇاڪاڻ تـ مسلسل تنقيد ملازمن کي پنھنجي ڪم تان توجھ ھٽائي ڇڏي.

اسڪول ھجي يا ڪو ادارو، مشاھدي منجھ اھڙا رويا سامھون گزريا آھن جو باس اھڙا حالات پيدا ڪندو آھي تـ استاد پاڻ نوڪري ڇڏي وڃي، ڇو تـ باس جي خيال ۾ اھو استاد  ُھن جيٗ ڪم جو ناھي ھوندو ۽ پنھنجي رويي مان ملازم کي محسوس ڪرائيندو تـ ھو ھن مان ناخوش آھي. حالانڪ ضروري ناھي تـ اھڙي استاد ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت نـ ھجي پر باس جي نظر ۾ ھو نااھل ھوندو آھي جيڪا ھڪ مخصوص ڪيفيت ۽ تنگ نظري کي ظاھر ڪري ٿي.

مثبت سوچ ذھن کي صحتمند ۽ پرسڪون رکندي آھي. جڏھن تـ اداري ۾ اڳواڻ جو اڻ برابر ۽ مخصوص رويو منفي سوچ کي جنم ڏيندو آھي. منفي سوچ رکڻ وارو ماڻھو اڪثر ذھني انتشار جو شڪار پڻ رھي ٿو. مخصوص زاويي ۽ روشن خيال رکندڙ اڳواڻ جو تقابلي جائزو وٺجي تـ ملازمن جي سوچ ۽ ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ واضع فرق نظر ايندو. اھو انڪري آھي تـ ترقي پسند اڳواڻ ملازمن يا استادن جي اڪثر ھمت افزائي ۽ تربيت ڪندو رھي ٿو جنھن ڪري ملازم ڪم ۾ دلچسپي وٺندا آھن جڏھن تـ مخصوص ذھنيت وارو باس اڪثر ملازمن جي ڪم منجھان نقص پيو ڪڍندو. ڪٿي اھڙا مثال پڻ ملن ٿا جو ادارو ملازمن کي سکڻ جا موقعا ڏيندو آھي، انھن لاءِ سکيا جو انتظام بـ ڪندو آھي پر ملازم اھڙي سکيا جو قدر نـ ڪندي پنھنجو وقت وڃايو ڇڏين. اھو رويو بـ اداري جي سربراھ کي ڪاوڙايو ڇڏي.

سربراھ جي تنقيد کي موٽ ڏيڻ جو اھم گس اھو ٿي سگھي ٿو تـ ھو سنجيدگي سان اداري جي استادن سان گڏجاڻي ڪري اھو جائزو وٺي تـ آخر ھو ڪھڙي حڪمت عملي سان اداري کي ھلائڻ چاھي ٿو. انکان علاوه جيڪڏھن ملازمن جي تربيت جي ضرورت ھجي تـ اھو انتظام پڻ ڪيو وڃي. اھڙي طرح ملازم سکڻ جو ھر موقعو حاصل ڪري ۽ اداري جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.

مونکي ياد آھي ھڪ غير سرڪاري تنظيم ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان پنھنجا ويچار ونڊيندي ٻڌايو تـ مون پروفيسر گل محمد مستوئي صاحب جي سربراھي ۾ ڪم ڪيو آھي. سائين جي شفقت پنھنجي جڳھ تي پر ھن جي سيکارڻ جي انداز مون ۾ اتساھ پيدا ڪيو. سائين مستوئي صاحب آفيس جو ھر ڪم سيکاريندو ھو ۽ چوندو ھيو تـ توھان مون وٽان ايترو پرايو جو توھان پاڻ مطمئن ٿيو ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا پڻ توھان لاءِ کلي وڃن.

اداري جو اڳواڻ ملازمن جي ڪم ڪرڻ جي انداز کي پھريان سمجھي پوءِ فيصلو ڪري تـ اھي صحيح ڪم ڪن پيا يا انھن کي رھنمائي جي ضرورت آھي گڏوگڏ انھن جي غلطين جي اصلاح ڪندو رھي. انکان علاوه اڪثر ملازمن جي تربيت ڪندو رھي تـ جيئن ھو ھر ڪم دلچسپي سان ڪن.

By Junaid Memon

The writer is educationalist and Editor Sindhi to zeroperiod

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *