Fri. Jun 14th, 2024

سنڌ جو اڄوڪو پرائمري استاد گهٽ ۾ گهٽ بيچلر سند سان گڏو گڏ تدريسي مهارتن جي سکيا واري سند پڻ رکي ٿو. ان کان علاوه وقت به وقت ان جي تدريسي طريقن کي بهتر بنائڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي آهي. ان باوجود به، تربيتي سکيا تي عمل نه يا گھٽ ڪرڻ ڪري، ٻارن جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي نه ڏٺي وئي آهي. منهنجي مشاهدي مطابق انهن استادن مان اڪثريت اهڙن استادن جي آهي جن مان نه شاگرد مطمئن ۽ نه ئي وري والدين مطمئن آهن. انهن والدين جي شاگردن متعلق اها راءِ هوندي آهي ته هي ڇوڪرو وري ڪٿي پڙهي سگهندو ڇو ته هن جو پيءُ ئي ڪونه پڙهيو. اهڙي استاد مان شاگردن لاءِ همدردي جي اميد رکڻ به غلط رهندي.

 جڏهن ته پراڻي دور 1960کان 1995 تائين واري پرائمري استاد جي نه ايڏي گهڻي تعليم هوندي هئي، ۽ نه گھڻا تربيتي ڪورس ڪرايا ويندا ها، پر پوءِ به انهن استادن جي ڪردار ۽ پڙهائڻ جي واکاڻ توهان پنهنجي والدين يا مٽن مائٽن جي واتان ضرور ٻڌي هوندي. اچو ته هن استاد جي پيشيور زندگيءَ تي هڪ نظر وجهون. هن استاد جي تعليم ميٽرڪ کان مٿي نه هئي. هي استاد اسڪول جي سڀني درجي وارن کي پڙهائيندو هو.

پراڻي استاد جي هڪ نمبر خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پيشي سان پيار ڪندو هو. شاگردن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو مضمون يا حساب سندس گهٽ سمجهه ۾ ايندو هو ته ڪنهن ٻئي استاد کان سکندو هو. روزمره جا نوان اسڪولي معاملا، ٻارن جا نفسياتي ۽ معاشرتي مسئلا سمجهڻ ۾ دلچسپي وٺندو هو. معنى هن جو هميشه سکڻ وارو سلسلو جاري هوندو هو. ان جو مطلب ته هو پڙهائڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي پاڻ سکيا به ڏيندو رهندو هو، جنهن کي اڄڪلهه جي دور ۾ self-learning ۽ lifelong learning سڏيو وڃي ٿو. پاڻ کي پاڻ سکيا ڏيڻ وڌيڪ اثرائتي ۽ فائديمند هوندي آهي بجاءِ ان جي جو توهان کي ڪو ٻيو سکيا ڏيئي ڇو ته پاڻ مرادو سکيا ۾ شوق ۽ جستجو جا عنصر شامل هوندا آهن. اڄڪلهه self-learning جو رجحان پڻ وڌي رهيو آهي.

 ٻي خوبي ان استاد جي اها هئي ته هو ٻار جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ هر ٻار کي پيار جي نظر سان ڏسندو هو. هن جي محنت ۽ سچائيءَ ۾ ڪوئي شڪ نه هو. هن جي اها تمنا ڪو نه هئي ته ماستري ڇڏي جيڪر ڪنهن خزاني آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي چار پئسا پوين لاءِ ٺاهيان. والدين کي ان ڳالهه جو يقين هيو ته معاشري ۾ اسان کان پوءِ هي انسان اسان جي ٻار جي بهتر مستقبل لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. اهو ئي سبب هوندو هو ته جيڪڏهن استاد ٻار کي جسماني سزا به ڏيندو هو ته والدين استاد سان وڙهڻ ته ٺهيو پر منهن ماري به ڪون ڪندا هئا. اهو استاد ٻين ماڻهن جا سماجي ڪم به ڪندو هو. ان مان اها ڳالهه لڪيل ڪونهي ته پيشي سان پيار، پاڻ مرادو سکيا ۽ايمانداري سان ڪم ڪرڻ توهان کي اعلي مقام، مطمئن ۽ ڪامياب زندگي ڏيئي سگهي ٿو، ۽ توهان ٻين ماڻهن لاءِ مشعل راه ٿي سگھو ٿا.

 هن سڄي تحرير مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته بهترين استاد اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو سڄي عمر پنهنجي پيشي سان سچو رهي. جديد تدريسي طريقن تي عمل ڪري ٻارن جي سکيا ۾ واڌارو آڻي. وقت سان گڏوگڏ پنهنجي ذات ۾ نئين علمن جي لاٽ ٻاريندو رهي. علم تدريس هڪ پيچيده عمل آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت به. دراصل علم تدريس اسان کان اها گهر ڪري ٿو ته اسان وقت سان ان کي پنهنجي ضرورت مطابق عمل ۾ آڻي نئين نسل کي اونداهي مان ڪڍي سگهون..

One thought on “سنڌ جو پر اڻو ۽ نئون پرائمري استاد”
  1. It seems a wonderful idea from whatever I could gather. It will be equally useful if translated into Urdu so that people get inspired.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *